106.قريش

1
لِإِيلَافِ قُرَيْشٍ
قريشين کي اُلفت ڏيارڻ لاءِ.
2
إِيلَافِهِمْ رِحْلَةَ الشِّتَاءِ وَالصَّيْفِ
جو سياري ۽ اونھاري جي سفر سببان کين اُلفت ڏيارڻ آھي.
3
فَلْيَعْبُدُوا رَبَّ هَٰذَا الْبَيْتِ
تنھنڪري گُھرجين ته ھِن گھر جي (انھيءَ) پالڻھار جي عبادت ڪن.
4
الَّذِي أَطْعَمَهُم مِّن جُوعٍ وَآمَنَهُم مِّنْ خَوْفٍ
جنھن کين بُک ۾ کاڄ کاريايو، ۽ کين ڀؤ کان امن ڏنو.
CopyRight © 2024 Koran.link All Rights Reserved